حبيب ابراهيم رحمت الله

حبيب ابراهيم رحمت الله

حبيب ابراهيم رحمت الله

حبيب ابراهيم رحمت الله: سنڌ جي اڳوڻي گورنر حبيب ابراهيم، 10 مارچ 1912ع تي بمبئيءَ ۾ جنم ورتو. بمبئي يونيورسٽيءَ مان قانون جي ڊگري حاصل ڪيائين. حبيب ابراهيم جو والد سر ابراهيم رحمت الله 1931ع کان 1933ع تائين مرڪزي قانون ساز اسيمبليءَ جو صدر رهي چڪو آهي. حبيب ابراهيم پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ محمد علي جناح جي هدايت تي مسلمانن لاءِ ‘ايوان تجارت ۽ صنعت’ قائم ڪيو. ان کانسواءِ بئنڪاري، جهاز راني ۽ هوائي ڪمپنيءَ جي شعبن ۾ MCB، محمدي ۽NET جو بنياد وڌو. مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صدر رهيو. راندين جي شعبي ۾ به خدمتون سر انجام ڏنائين. 53-1952ع ۾ فرانس ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ٿيو. 1954ع ۾ پهريائين سنڌ ۽ پوءِ پنجاب جو گورنر رهيو. 1955ع ۾ واپار جو وفاقي وزير ٿيو، 1958ع ۾ جنرل ايوب خان کيس ڪراچيءَ جي مسئلن حل ڪرڻ جي ذميواري سونپي. ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ جو چيئرمئن پڻ رهيو، کيس 1969ع ۾ ريڊ ڪراس جو سربراهه بڻايو ويو ۽ 1972ع ۾ استعيفا ڏنائين. اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي 1987ع ۾ کيس پاڪستان لاءِ ڪيل جدوجهد طور تمغو ڏنو. هن واپار ۽ صنعت کانسواءِ مختلف سماجي ۽ فلاحي ادارن جي قيام لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. 3 جنوري 1991ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين.


لفظ حبيب ابراهيم رحمت اللهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1912.03.10  عيسوي

سنڌ جي اڳوڻي گورنر حبيب ابراهيم، 10 مارچ 1912ع تي بمبئيءَ ۾ جنم ورتو.


1991.01.03  عيسوي

3 جنوري 1991ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد مدد علي شاهه ڊاڪٽر
عالمچند ڪولهي
جانڻ چن
مير ٺارو خان ٽالپر
جارج اسٽيفنسن
جعفري خيرالنساءِ
استاد حيدري
آچر فقير
پارو خان ڪوري
حاجي فقير محمد سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون